شيخ محمد سرفراز ٺٽوي

شيخ محمد سرفراز ٺٽوي : شيخ سرفراز ولد شادڪام هڪ نومسلم نوجوان سرڪاري ملازم هو، جيڪو شاهوڪار زندگيءَ جو مالڪ بڻيو. هي اصل ۾ ٺٽي جي راءِ گھراڻي جي فرد، ديوان دولت رام جي اولاد مان هو، جنهنڪري اسلام کان اڳ به هو عزت جا مالڪ هئا ۽ اسلام کان پوءِ ساڳي سرفرازي ۽ عزت سان رهيا. نوجوانيءَ جي زماني ۾ ڪنهن ماهوش سان عشق ٿي پيس، جنهنڪري حال کان بيحال ٿي پيو. جنهن محبوب حال مان بي حال ڪيو هئس، ان جي تاريخ ”غلبه مطلوب“ جي فقري مان ڪڍيائين. ٺٽي ۾ تاريخ گوئيءَ جي فن ۾ هن کي وڏو ڪمال حاصل هو. آخر زماني ۾ هن بزرگ قرآن شريف حفظ ڪيو ۽ بيت الله شريف جي حج جو به شرف حاصل ڪيو. 1129هه/1716ع ۾ دارفاني مان لاڏاڻو ڪيا ئين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو